تازه ترين

ٺري ميرواھه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم گڏاڻي ھاءِ اسڪول جو اوچتو دورو

ٺري ميرواھه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم گڏاڻي ھاءِ اسڪول جو اوچتو دورو ڪري ڪلاسن جو معائنو ڪيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر دوري دوران استادن،  شاگرن ۽ عملي  جي حاضري چيڪ ڪري شاگردن کان سوال جواب پڻ ڪيا.

ان موقعي اي سي محمد سليم گڏاڻي چيو ته استاد وقت سر اسڪول اچن ۽ شاگردن کي مڪمل ڪورس ڪرايا وڃن.

سندس چوڻ هو ته  شاگردن کي به گهرجي ته اسڪول وقت تي پهچن ۽ اسڪولي يونيفارم لازمي پائڻ گهرجي.

اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم گڏاڻي چيو ته تعلقي جا سمورا اسڪول وزٽ ڪيا ويندا استاد ڊيوٽي پنھنجو فرض سمجھي ڪن  فرض ۾ ڪوتاهي سٺو عمل ناهي.

سندس چوڻ هو ته ڪافي شڪايتون مليون  آھن ته ٻھراڙي جا پرائمري اسڪول  بند آھن جڏهن ته مقرر  استاد ۽ ماسترياڻيون موجود ئي ناهن ڪاروائي ڪئي ويندي.

اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم گڏاڻي چيو ته  تعليم جي بھتري ۽ سڌاري لاءِ ھر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون