ٺل ۾ دڪاندار حافظ معظم نوناري جي قتل خلاف 23هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو.
شهرين، واپارين ۽ سياسي وسماجي تنظيمن طرفان جمال جوش ٻرڙو، علي حسن ٻرڙو، وسيم قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي کان رهبر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو رهبر چوڪ تي لڳل ڪئمپ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 24 ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس دڪاندار حافظ معظم نوناري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي.
هنن چيو ته جيستائين دڪاندار حافظ معظم نوناري جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو.