ٺٽي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ سوزوڪي پڪ اپ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ٻن ڀائرنگ سميت پنج ڄڻا فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
چليا ڀرسان روڊ حادثي ۾ علي محمد ملاح، رسول بخش ملاح، مقبول ملاح، علي شير ملاح ۽ مولا بخش ملاح فوت ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي مقامي اسپتال منتلق ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
علائقي واسين جو چوڻ آهي حادثي۾ فوت ٿيل مقامي مهاڻا هئا، جيڪي مڇي جي شڪار لاءِ وڃي رهيا هئا، ته ڪينجهر ڍنڍ ويجهو حادثي جو شڪار ٿي ويا.