تازه ترين

ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو جي سري هيٺ ريلي

ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ پاران “سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو” جي سري هيٺ ريلي ڪڍي وئي.

مڪلي کان ٺٽي شهر تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، حور النساءَ پليجو، عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عمره سمون ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته زرعي انقلاب جي نالي تي ٺٽي، بدين ۽ سجاول سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ لکين ايڪڙ زمينون وفاق حوالي ڪيون پيون وڃن.

اڳواڻن چيو ته سنڌ جون زمينون سنڌي قوم جي ملڪيت آھن جن تي مقامي سنڌي ھارين جو حق آھي، اُھي زمينون مقامي بي زمين ھارين کي مفت ڏنيون وڃن.

سندن چوڻ هو ته بحريا ٽائون، بحريا ٽائون فيز ٽو ۽ ٿري، ڊي ايڇ اي سٽي، ايجوڪيشن سٽي، ذوالفقار آباد، صائمه سٽي، ڪمانڊر سٽي، سيٽلائيٽ ٽائون، ملٽي نيشنل ڪمپنين سميت وڏين اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي زبردستي قبضا ڪيا ويا آھن.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ جو سلسلو جاري آھي، زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيائن ۽ بلڊرن تي ڪيس داخل ڪري زمينون واپس اصلي مالڪن کي ڏنيون وڃن.

عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌي عوام جي سخت احتجاجن ۽ اعتراضن جي باوجود بوگس ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا پڌرا ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري، سنڌ جي وجود کي ميسارڻ ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي.

لال جروار جو چوڻ هو ته جعلي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن ۽ ان فراڊي نتيجن جي آڌار تي ٿيندڙ نين تڪ بندين کي سنڌي عوام سنڌين خلاف سازش سمجھندي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو.

نور احمد ڪاتيار چيو ته وفاقي توڙي صوبائي نگران حڪومتن کي سنڌ جون زمينون، معدنيات ۽ وسيلا وڪڻڻ جو ڪو به آئيني، قانوني ۽ اخلاقي اختيار ناهي.

هن چيو ته سنڌ جي معدنيات ۽ زمينن جي نيلامي جا اعلان ڪندڙ نگران وزيرن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

حور النساءَ پليجو چيو ته سنڌ اندر رياست، سردارن ۽ انتظاميا جي سرپرستيءَ ۾ ماڻھن کي اغوا ڪرائڻ لاءِ ڌاڙيلن جي نرسري تيار ڪري، ڌاڙيلن معرفت معصوم انسانن کي اغوا ڪرائي ڪروڙين روپين جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو.

مٺا خان لاشاري جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙن ۽ ڌڙيلن کي جديد ھٿيار پھچائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڌاڙيلن جو ھميشه لاءِ خاتمو آندو وڃي.

علي محمد پرويز، گهنور خان زئور، مير حسن آريسر ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته انڊس ڊيلٽا ۾ سالن جا سال گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙھي آيو آھي جنھن جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي.

هنن چيو ته سمنڊ ۾ گھربل مقدار ۾ پاڻي ڇڏي تمر جي ٻيلن سميت سامونڊي پٽي کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سندن چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ جي پنھنجي ملڪ دشمن مطالبي جو بار بار ورجاءُ ڪندي رهي ٿي، هو سمجهن ٿا ته سنڌ ورهائڻ ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش آهي، سنڌ کي ورهائڻ يا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ملڪ دشمني آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ورهائڻ جي ڳالھ ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ملڪي آئين سان غداري جا ڪيس هلايا وڃن. 

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ وفاق جي سهولتڪاري سان پنجاب سنڌو درياءَ تي ناجائز ڊيم ۽ ڪئنال اڏي پيو، سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ تي سڀ کان پھرين سنڌ جو حق آھي.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءُ تي ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم، مهمند ڊيم، جلالپور ڪئنال، حاصل پور، گريٽر ٿل ڪئنال فيز ون، ٽو، سميت ٻيا ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھي درياءُ کي قيد ڪري سنڌ سڪائڻ جا منصوبا ختم ڪريو. 

سندن چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رھندڙ لکين افغانين، بھارين، برمين، بنگالين، روهينگين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته کيرٿر، ڪارونجھر جبل، ڀنڀور، گورک سميت سڀني تاريخي ماڳن، مڪانن، ڪوٽن ۽ قلعن تي قبضا ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب سان ھٿ چراند ڪرڻ ۽ کين ميسارڻ جي سازش ختم ڪريو.

امرتا پليجو، سرمد راڄپر، رزاق چانڊيي ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سر عام منشيات ۽ ھٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ اصل ٺيڪيدارن، واپارين ۽ انھن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي.

هنن چيو ته معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ صحافي جان مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. 

سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري، نازيا کوسو، ڪوثر کوسو، ساگر ڪمار سميت سڀني اغوا ٿيل مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.

اڳواڻن چيو ته ڪينجھر ۽ ھاليجي ڍنڍ کي تفريحي ماڳ بنائڻ جي نالي ۾ وڪرو ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.

هنن چيو ته ملڪي معيشت آئي ايم ايف وٽ يرغمال بڻائي وئي آهي، آئي ايم ايف جي شرطن تحت ملڪ ۾ ٿيل ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ختم ڪرڻ سان گڏ روزمره جي کاڌي پيتي جي شين مٿان مڙهيل ناجائز ٽيڪس ختم ڪيا وڃن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آئي ايم ايف جي شرطن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائي عوام کي وڌيڪ عذاب ۾ وڌو ويو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ ٿيل اضافو ختم ڪري سستي اگھه ۾ پيٽرول ڏنو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون