ٺٽي ۾ نگران وڏي وزير جي ھدايت تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس جي اڳواڻي ۾ کليل ڪچھري لڳائي وئي.حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي شڪايتن جي حل لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميٽي پاران دربار هال مڪلي ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن پاران ايل پي آر، گريجوئيٽي، ڪميوٽيشن، فيملي پينشن ۾ دير ۽ پينشن ۾ واڌ واري رقم نه ملڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون.ان موقعي تي ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پينشنرز جا مسئلا ٻُڌڻ لاءِ سمورن ضلعن ۾ کليل ڪچھريون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ٽريزري آفيس جون شڪايتون ۽ پينشنرن کي پيش ايندڙ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي تحريري هدايتون جاري ڪري سگهجن. هن چيو ته پينشنرن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون نوٽ ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان هڪ مناسب ميڪنزم جوڙيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون شڪايتون ۽ مسئلا پيش نه اچن.
ڊپٽي سيڪريٽري فنانس چيو تھ پينشنرن کي بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ايل پي آر، گريجوئيٽي ۽ ڪميوٽيشن جي مد ۾ رھتون ادا ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي پاران سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته اهي مسئلا به جلد حل ٿي ويندا.
