وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي معيشيت کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو، اسڪولن ٻاهران ڪروڙين ٻارن کي تعليم جي فراهمي هڪ وڏو چيلينج آهي.
نيويارڪ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ايس ڊي جي مومنٽ اجلاس جي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان بدترين دهشتگردي کي منهن ڏنو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار شهرين جون جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪ کي معاشي طور تي ڏيڍ سئو ار ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته مومسياتي تبديلي سبب غريب ملڪ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، گذريل ٻوڏ جي تباهي پاڪستان کي گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو، ٻوڏ سبب اربين ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته هنن دانش اسڪول جي صورت ۾ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو تعليمي منصوبو شروع ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته غريب خاندانن جا هزارين شاگرد دانش اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري اعلى عهدن تائين پهچي چڪا آهن
هوڏانهن نيويارڪ ۾ وزيراعظم مالديپ جي صدر ڊاڪٽر ميعزو سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو ويو.
