تازه ترين

ٻوڏ متاثرن تي سياست ڪرڻ افسوس ۽ شرم جوڳو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن تي سياست ڪرڻ افسوس ۽ شرم جوڳو آهي. عظميٰ بخاري جي  بيان تي رد عمل ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته  پ پ جو مطالبو آهي ته بيان ۽ تصويرون ڪڍرائڻ پ پ ٻوڏ متاثرن جي عملي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته پنجاب ۾ نه گهر ٺهي رهيا آهن ۽ نه وري متاثرن کي سولر ملي رهيا آهن، سنڌ سرڪار 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي ۽ متاثر خاندانن کي سولر پئنل ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته  قوم مصيبت ۾ آهي ۽ هو وري موڪل ڪن،  کين عوامي خدمت ڪرڻ لاءِ موڪل جي ڏينهن جو انتظار نه ڪرڻو پوندو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هو آچر هجي يا ڪو ٻيو ڏينهن هر وقت عوام جي وچ ۾ سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ موجود آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي، عوام کي خبر آهي ته سندن نالي تي سياست ۽ فوٽو سيشن کانسواءِ ڪجهه نه ٿي رهيو آهي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون