تازه ترين

ٽئين ون ڊي، ويسٽ انڊيز پاڪستان کي 202 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ويسٽ انڊيز پاڪستان کي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 202 رنسن تان شڪست ڏئي 34 سالن کانپوءِ پاڪستان کان ون ڊي سيريز کٽي ورتي. ٽاروبا ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم 295 رنسن جي هدف  ۾ 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان نائب ڪپتان سلمان آغا 30 رنسون ٺاهيون جڏهن ته محمد نواز 23 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان علاوه حسن نواز 13، نسيم شاهه 6، طلعت حسين هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته چار رانديگر صائم ايوب، عبدالله شفيق، ڪپتان محمد رضوان، حسن علي ۽ ابرار احمد ٻڙي تي پويلين موٽي ويا. ميزبان ٽيم طرفان جيڊن سلز 6 وڪيٽون ورتيون، گدا ڪيش موتي 2۽ روسٽن چيز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ پاڪستان جي دعوت تي بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز ڪپتان شائي هوپ جي سينچري جي مدد سان مقرر 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 294 رنسون ٺاهيون. ڪپتان شائي هوپ 94 بالن تي 120 رنس نائٽ آئوٽ جي شاندار اننگز کيڏي، ايون لوئس 37، روسٽن چيز 36، ڪيسي ڪارٽي 17، شرفين ردر فورڊ 15، گداڪيش موتي ۽ بريڊنگ ڪنگ  5-5 رنس تي آئوٽ ٿيو. جسٽن گريوز 24 بالن تي 43 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان ابرار احمد ۽ نسيم شاهه 2-2 وڪيٽون ورتيون، صائم ايوب ۽ محمد نواز هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون