ٽام سوازي امريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جو سربراهه بڻجي ويو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪانگريس مين ٽام سوازي پاڪ-امريڪا لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، سندس چوڻ هو ته هو نومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو.
ٽام سوازي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ پاڪ امريڪا لاڳاپن، ٻطرف سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستاني سفير سعيد رضوان ٽام سوازي کي مبارڪبادي پيش ڪندي چيو ته پاڪ امريڪا لاڳاپا ٻنهي ملڪن ۽ خطي لاءِ وڌي اهميت رکن ٿا، پاڪستان امريڪا سان معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
ياد رهي ته ٽام سوازي کان اڳ شيلا جيڪسن پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه هئي…..