آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي اعليٰ يونيورسٽي، هارورڊ يونيورسٽي جي وفاقي امداد منجمد ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا هارورڊ يونيورسٽي کي هڪ خط موڪليو، جنهن ۾ ٻين مطالبن کانسواءِ اهو به چيو ويو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي جا اختيار گهٽايا وڃن.
خط ۾ يونيورسٽي کي چيو ويو ته فوري طور تي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ شاگردن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ وفاقي اختيارين کي ڏني وڃي ۽ هر تعليمي شعبي جي نگراني لاءِ ڪنهن ٻاهرين تنظيم يا شخص جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
هارورڊ يونيورسٽي انهن مطالبن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
هارورڊ جي صدر ايلن گاربر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪا به حڪومت ۽ تنظيم هجي، اهو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي ته خانگي يونيورسٽين کي ڇا سيکارڻ گهرجي، انهن کي ڇا تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي داخلا يا نوڪري ڏيڻ گهرجي.
هارورڊ جي انڪار ملڪ جي امير ترين يونيورسٽي ۽ ٽرمپ انتظاميا جي وچ ۾ تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو.
ٽرمپ انتظاميا پاران مطالبن مڃڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ آمريڪي تعليم کاتي هارورڊ يونيورسٽي جي وفاقي امداد منجمد ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته هو هارورڊ يونيورسٽي لاءِ وفاقي فنڊ ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر، گرانٽس ۾ 2 ارب 20 ڪروڙ ڊالر ۽ ڪانٽريڪٽ ويليو ۾ 60 ملين ڊالر منجمد ڪري رهيو آهي.