ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي.
آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميا هڪ نئين سفري پابندين جي لسٽ تي غور ڪري رهي آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪيو ويندو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهن ملڪن کي اورنج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي جنهن ۾ پاڪستان، بيلاروس، هيٽي، ميانمار، روس، ترڪمانستان ۽ ٻيا شامل آهن.
آمريڪي اخبار موجب، اورنج لسٽ ۾ شامل ملڪن جي شهرين جي اميگرنٽ ۽ سياحتي ويزا کي محدود ڪيو ويندو، هن لسٽ ۾ شامل ملڪن جي ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي.
ٽرمپ انتظاميا يارهن ملڪن جي شهرين تي مڪمل پابندي جو ارادو رکي ٿي، جن ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام، سوڊان، سوماليه، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن.
ٽرمپ انتظاميا چاڊ، ڊومينيڪا ۽ لائبيريا سميت 22 ملڪن کي ييلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جو مطلب آهي ته انهن ملڪن جي شهرين وٽ ويزا جي درخواست بابت ڪنهن قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن هوندا..