تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي

- Advertisement -
ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميا هڪ نئين سفري پابندين جي لسٽ تي غور ڪري رهي آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ شامل ڪيو ويندو. آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏهن ملڪن کي اورنج لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي جنهن ۾ پاڪستان، بيلاروس، هيٽي، ميانمار، روس، ترڪمانستان ۽ ٻيا شامل آهن. آمريڪي اخبار موجب، اورنج لسٽ ۾ شامل ملڪن جي شهرين جي اميگرنٽ ۽ سياحتي ويزا کي محدود ڪيو ويندو، هن لسٽ ۾ شامل ملڪن جي ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. ٽرمپ انتظاميا يارهن ملڪن جي شهرين تي مڪمل پابندي جو ارادو رکي ٿي، جن ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو انهن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام، سوڊان، سوماليه، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن. ٽرمپ انتظاميا چاڊ، ڊومينيڪا ۽ لائبيريا سميت 22 ملڪن کي ييلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جو مطلب آهي ته انهن ملڪن جي شهرين وٽ ويزا جي درخواست بابت ڪنهن قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن هوندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
12 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون