تازه ترين

ٽرمپ جو گڏيل قومن جي انساني حق واري ڪائونسل کان ٻاهر نڪرڻ جو اعلان

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار تي پاڪستان جا خاص ٿورا مڃيا، گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کان ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪندي، جوبائيڊن کي آمريڪي تاريخ جو بدترين صدر ۽ ڊبليو ايڇ او کي ڪرپٽ ترين ادارو قرار ڏئي ڇڏيو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪانگريس کي خطاب دوران ڊيموڪريٽ ميمبر آل گرين احتجاج ڪيو آهي.

ٽرمپ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي ڊيموڪريٽڪ قانون ساز کي ڪانگريس مان ڪڍيو ويو.

صدارتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي پهريون خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف آهن، کيس اهو اعلان ڪندي خوشي آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردي جو وڏو ذميوار پڪڙيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪابل ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو دهشتگرد جي گرفتاري ۾ مدد لاءِ پاڪستان جا ٿورائتا آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ساڍا 3 سال اڳ داعش افغانستان ۾ 13 آمريڪين کي قتل ڪيو، گرفتار ٽاپ دهشتگرد کي آمريڪي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته آمريڪا ۾ هاڻي ميرٽ تي مقرريون ٿينديون، زهريلي نسلي پاليسي ختم ڪري ڇڏي آهي، معيشت جي بحالي پهرين ترجيح آهي، آمريڪا اڳ کان بهتر انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو آمريڪا جي اپوزيشن ۽ سڪيورٽي پاليسي تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ٻيهر ميدان ۾ اچي ويو آهي، هنن ڏيڍ مهيني ۾ جيترو ڪم ڪيو اوترو ٻين چئن سالن ۾ ڪيو، هنن اڃا هاڻي ته ڪم شروع ڪيو آهي، آمريڪا ۾ سنهري دور جي شروعات ٿي چڪي آهي.

آمريڪي صدر چيو ته هن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ غيرقانوني ترسيل ماڻهن خلاف قدم کنيا، ڊيموڪريٽڪ سندن لاءِ نه بيهندا، ائين ٿيڻ نه گهرجي، سندس قيادت ۾ آمريڪا ناقابل تسخير آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ڊيموڪريٽڪ کي دعوت ڏين ٿا ته گڏجي آمريڪا کي عظيم بڻائن، معدنيات جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ تاريخي قدم کنيا ويندا، گذريل انتظاميا کان معاشي تباهي ملي، هنن ڏوهه ختم ڪيا پر ڊيموڪريٽس ان تي خوش ناهن.

آمريڪي صدر چيو ته آمريڪي عوام جا پيسا امداد تي ضايع ڪيا ويا، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، بجيٽ ۾ توازن آڻيندا، 5 ملين ڊالر سان گولڊ ڪارڊ جاري ڪندا جيڪو گرين ڪارڊ کان بهتر هوندو، هو پنهنجو قرض گولڊ ڪارڊ خريد ڪندڙن جي پيسن سان لاهيندا.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته تبديلي جي رستي ۾ ايندڙ بيوروڪريٽ کي ڪڍيو ويندو، 6 هفتن دوران لڳ ڀڳ هڪ سئو ايگزيڪٽو آرڊر تي صحي ڪئي، امداد طور ڏنل پيسا واپس آڻي مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا.

آمريڪي صدر چيو ته 2 اپريل کان جيڪو ملڪ آمريڪا تي ٽيڪس لڳائيندو، هو جوابي ٽيڪس لڳائيندا، ڪينيڊا کي سبسڊي ڏيندا آهن، هاڻي ائين نه ٿيندو، آمريڪا ۾ شيون نه تيار ڪندا ته ٽيرف ڏيڻو پوندو، نئين واپاري پاليسي سان هارين کي فائدو ٿيندو، ڪوبه مقابلو نه ڪري سگهندو.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چئن سالن ۾ 21 ملين ماڻهو آمريڪا آيا، جوبائيڊن جي اوپن بارڊر پاليسي هئي، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو کي آمريڪا ۾ منشيات جي سمگلنگ روڪڻي پوندي.

ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينسر جي 15 سال جي مريض کي اعزازي سيڪريٽ ايجنٽ بڻائڻ جو اعلان ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون