انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ ٽاس هڪ انوکي سبب ڪري دير جو شڪار ٿي ويو، جنهن جو سبب ٽريفڪ جام ٻڌايو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، انگلينڊ جي ٽيم ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پئي، جنهن سبب جوز بٽلر، ليوڪ ووڊ، ثاقب محمود سميت ڪجهه ڪرڪيٽر موبائل ايپ ذريعي سائيڪل سروس وٺي، لڳ ڀڳ 40 منٽ دير سان اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ پهتا.
ٻئي پاسي، مهمان ويسٽ انڊيز ٽيم جي بس به وقت تي اسٽيڊئم نه پهچي سگهي ۽ ٽاس جي مقرر وقت کان به 10 منٽ دير سان اسٽيڊئم پهتي، جنهن سبب ٽاس مقرر وقت 12:30 کانپوءِ ٿيو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهو شايد پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ٽريفڪ جام سبب ميچ جي شروعات دير سان ٿي.
واضح رهي ته انگلينڊ آخري ميچ ۾ به ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ورتو