سنڌ حڪومت پاران ٽريفڪ سڌارن بابت موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ مختلف ترميمون آڻڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت ۾ ٽريفڪ قانونن ۾ سڌارن بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايڪسائيز، قانون، ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽريز، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جو چوڻ هو ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي سزائون ۽ ڏنڊ وڌايو ويندو، اختياريون نون قانونن ۽ ڏنڊ بابت عوامي آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم شروع ڪن.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ تجويز ڪيل ترميمن تي بريفنگ ڏني.
ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي موٽر سائيڪلن سميت هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ ڳرا ڏنڊ تجويز ڪيا ويا، جڏهن ته نون ڊرائيورن لاءِ ڊرائيونگ ڪورسز کي لازمي بڻائڻ لاءِ ترميم پڻ تجويز ڪئي وئي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ڊيميرٽ پوائنٽس سسٽم لاڳو ڪري ڊرائيورن کي ٽريفڪ جي خلاف ورزين تي ڊيميرٽ پوائنٽس ڏنا ويندا.
اجلاس ۾ فيس ليس ٽڪيٽنگ سسٽم جي به تجويز ڏني وئي، جيڪا آٽوميٽڪ نمبر پليٽ جي سڃاڻپ ۽ اسپيڊ ڪيمرائن ذريعي ڏنڊ لاڳو ڪندي، جڏهن ته گاڏين جي رجسٽريشن جي مدت ڇهن مهينن مان گهٽائي هڪ مهيني ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي.
اجلاس ۾ سڀني ڪمرشل گاڏين ۾ ٽريڪنگ ۽ حفاظتي ڊوائيسز لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، صوبي ۾ هلندڙ سڀني ڪمرشل گاڏين ۾ ڊيش ڪيم ۽ ڪيبن ڪيمرا لڳائڻ جي به سفارش ڪئي وئي.
چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ۾ سڌارن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي سنڌ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽريفڪ قانون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ايڪسائيز، ٽرانسپورٽ ۽ پوليس جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي.