تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ٽريفڪ قانون ۾ سڌارن بابت اهم اجلاس، موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ترميم جي منظوري

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ٽريفڪ سڌارن بابت موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965 ۾ مختلف ترميمون آڻڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت ۾ ٽريفڪ قانونن ۾ سڌارن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايڪسائيز، قانون، ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽريز، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جو چوڻ هو ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي سزائون ۽ ڏنڊ وڌايو ويندو، اختياريون نون قانونن ۽ ڏنڊ بابت عوامي آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم شروع ڪن. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ تجويز ڪيل ترميمن تي بريفنگ ڏني. ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي موٽر سائيڪلن سميت هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ ڳرا ڏنڊ تجويز ڪيا ويا، جڏهن ته نون ڊرائيورن لاءِ ڊرائيونگ ڪورسز کي لازمي بڻائڻ لاءِ ترميم پڻ تجويز ڪئي وئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ڊيميرٽ پوائنٽس سسٽم لاڳو ڪري ڊرائيورن کي ٽريفڪ جي خلاف ورزين تي ڊيميرٽ پوائنٽس ڏنا ويندا. اجلاس ۾ فيس ليس ٽڪيٽنگ سسٽم جي به تجويز ڏني وئي، جيڪا آٽوميٽڪ نمبر پليٽ جي سڃاڻپ ۽ اسپيڊ ڪيمرائن ذريعي ڏنڊ لاڳو ڪندي، جڏهن ته گاڏين جي رجسٽريشن جي مدت ڇهن مهينن مان گهٽائي هڪ مهيني ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي. اجلاس ۾ سڀني ڪمرشل گاڏين ۾ ٽريڪنگ ۽ حفاظتي ڊوائيسز لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، صوبي ۾ هلندڙ سڀني ڪمرشل گاڏين ۾ ڊيش ڪيم ۽ ڪيبن ڪيمرا لڳائڻ جي به سفارش ڪئي وئي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو ۾ سڌارن لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي سنڌ پوليس ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽريفڪ قانون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ايڪسائيز، ٽرانسپورٽ ۽ پوليس جي وچ ۾ هم آهنگي ضروري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون