ٽنڊي الهيار ۾ ايراني تيل جو وڪرو بند نه ٿي سگهيو آهي، پوليس هڪ ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٽنڊي الهيار باءِ پاس تي هڪ پمپ تي ايراني تيل سان ڀريل ٽينڪر کي پوليس تحويل ۾ وٺي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار ڪيل ٽينڪر جي ڊرائيور اعتراف ڪيو ته هو ايراني تيل حيدرآباد جر مختلف پمپن تي وڪرو ڪندا آهن.
پوليس موجب، گرفتار ڪيل جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايراني تيل وڪرو ڪندڙن مافيا خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن