- Advertisement -
ٽنڊي غلام حيدر ويجهو ڇهن ٻارن جو پيءُ بيٺل برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.
ڳوٺ منجهي ڪولهي ۾ 45 ورهين جو ڌنجي ڪولهي ڳوٺ ڀرسان بيٺل برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو.
وارثن ۽ ڳوٺاڻن ڌنجي ڪولهي کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ڌنجي ڪولهي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته ڌنجي ڪولهي مرگهي جي مرض ۾ مبتلا هو، اوچتو دورو پوڻ سبب کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.- Advertisement -
