- Advertisement -
ٽنڊي ڄام ڀرسان شادي تقريب دوران فائرنگ ۾ عورت ڊانسر مارجي وئي، جڏهن ته گهوٽ جو ڀاءُ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ نصير خان سپيو ۾ شادي تقريب وران فائرنگ ڪئي ويئي، گوليون لڳڻ سبب ڊانس پارٽي لاءِ حيدرآباد مان گهرايل ناري مھندي ۽ گھوٽ جو ڀاءُ جلال پُسيو زخمي ٿي پيا.
زخمي ناري مھندي سول اسپتال حيدرآباد ۾ آپريشن دوران فوت ٿي ويئي.
مقتول ناري مهندي جي پيءُ ارشد راجپوت جي فرياد تي ظفر ناهيون، گهوٽ جمال پسيو ۽ سندس ڀاءُ جلال پسيو خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي…….- Advertisement -
