ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ زرعي تحقيقاتي اداري جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.
ملازم تنظيم سانگيا جي سڏ تي ملوڪ اڄڻ، محمد شريف ڪاٺيو، نور محمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڊائريڪٽر آفيس کان ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙ ملازمن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ زرعي تحقيقاتي اداري جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ، سپرينٽينڊنٽ ڪيڊر جي ملازمن کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ رهائشي ڪالوني جي ڪوارٽرن مان قبضا ختم ڪرائڻ سميت ٻين جائز مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رهيا آھن.
ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ سندن جائز مطالبا منظور ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
