- Advertisement -
ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ ايران ۾ مفت اسٽار لنڪ انٽرنيٽ فراهم ڪئي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس هاڻي اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس ذريعي ايران ۾ استعمال ڪندڙن کي مفت انٽرنيٽ فراهم ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته ايران ۾ انٽرنيٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي ۽ مارجي ويلن جي درست انگ جي نشاندھي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
رپورٽ موجب، ايران ۾ اڳ ۾ غير فعال اسٽار لنڪ اڪائونٽس هاڻي شروع ڪيا ويا آهن ۽ ان جي سبسڪرپشن فيس پڻ معاف ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايراني حڪومت مفت انٽرنيٽ جي فراهمي کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي جيمر لڳايا آهن، پر گهڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، اسپيس ايڪس جو مفت انٽرنيٽ سروس جو اعلان آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ جي وچ ۾ تازي ٽيليفون ڳالهه ٻولهه کان پوءِ آيو.
ٽيليفونڪ رابطي دوران ايران ۾ اسٽار لنڪ سروس جي فراهمي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي…..
- Advertisement -
