ٽيڪسيشن جو نظام اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا ويندا: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٽيڪسيشن جو نظام اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا ويندا. شرجيل ميمڻ  ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي عملدارن سان ملاقات ڪري کاتن ۾ انقلابي قدمن ۽ سڌارن جي هدايت ڪئي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي سيڪريٽري عاطف الرحمان ۽ ٽرانسپورٽ واري  سيڪريٽري اسد ضامن سينيئر وزيرن کي کاتن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪسيشن جو نظام اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن. شرجيل ميمڻ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اهم اجلاس پڻ طلب ڪري ورتو آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ايم سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دائي کي هدايت ڪئي ته عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي. شرجيل ميمڻ چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون