- Advertisement -
ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جو مشن، حڪومت واپارين تي نئون ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، فيڊرل بورڊ آف روينيو “تاجر دوست اسپيشل پروسيجر 2024” جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، “تاجر دوست اسپيشل پروسيجر 2024” واپارين ۽ دڪاندارن تي لاڳو هوندو، اسڪيم تحت واپارين ۽ دڪاندارن جي رجسٽريشن سڀاڻي کان ٿيندي.
ماهوار انڪم ٽيڪس جي پهرين وصولي 15 جولاءِ 2024ع کان ٿيندي، هر مهيني جي 15 تاريخ تي وصولي ڪئي ويندي.
نوٽيفڪيشن موجب، ننڍن واپارين، دڪاندارن، هول سيلرن، ريٽيلرز تي اسڪيم لاڳو هوندي.
رجسٽريشن ڪراچي، لاهور، پشاور، راولپنڊي، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ هوندي، واپارين ۽ دڪاندارن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ايڊوانس ٽيڪس 1200 رپيا هوند، واپاري ۽ دڪاندار موبائل ايپ يا ايف بي آر جي ويب پورٽل تي رجسٽريشن ڪرائي سگھندا.
نوٽيفڪيشن موجب، ٽيڪس سهولت سينٽرن جي ذريعي به ٿي سگھندي، رجسٽريشن جي آخري تاريخ 30 اپريل 2024 هوندي.- Advertisement -
