ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش نيڌرلينڊ کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪنگز ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڊَچ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديشي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون، بنگالي ٽيم طرفان شڪيب الحسن شاندار ففٽي هنئي ۽ 64 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻين رانديگرن ۾ تنزد حسن 35 ۽ محمد الله 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
نيڌرلينڊ طرفان آريان دت ۽ ميڪرين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
بنگلاديش طرفان مليل 160 رنسن جي حدف جي جواب ۾ ڊچ ٽيم ستن وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سگهي، ائين بنگلاديش 25 رنسن تان ڪاميابي ماڻي.
نيڌرلينڊ طرفان سائبرانڊ 33، وڪرمجيت سنگهه 26 ۽ اسڪاٽ ايڊورڊ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
بنگلاديش طرفان رشاد حسين 3، تسڪين احمد 2، مستفيز رحمان تنظيم حسين ۽ محمد الله هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار ففٽيءَ تي شڪيب الحسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو…..