تازه ترين

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش نيڌرلينڊ کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش نيڌرلينڊ کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪنگز ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڊَچ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

بنگلاديشي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون، بنگالي ٽيم طرفان شڪيب الحسن شاندار ففٽي هنئي ۽ 64 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻين رانديگرن ۾ تنزد حسن 35 ۽ محمد الله 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

نيڌرلينڊ طرفان آريان دت ۽ ميڪرين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

بنگلاديش طرفان مليل 160 رنسن جي حدف جي جواب ۾ ڊچ ٽيم ستن وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سگهي، ائين بنگلاديش 25 رنسن تان ڪاميابي ماڻي.

نيڌرلينڊ طرفان سائبرانڊ 33، وڪرمجيت سنگهه 26 ۽ اسڪاٽ ايڊورڊ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بنگلاديش طرفان رشاد حسين 3، تسڪين احمد 2، مستفيز  رحمان تنظيم حسين  ۽ محمد الله هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاندار ففٽيءَ تي شڪيب الحسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو…..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون