تازه ترين

ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي کان اڳ نيو يارڪ جي سڪيورٽي وڌائي وئي

- Advertisement -
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي کان اڳ نيو يارڪ جي سڪيورٽي وڌائي وئي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته 9 جون تي ٿيل روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلي کان اڳ سڪيورٽي وڌائي وئي آهي. آمريڪي رياست نيو يارڪ جي گورنر جي آفيس مان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو ته صورتحال تي نظر آهي، في الحال شهرين کي ڪو خطرو ناهي. آئزن هاور پارڪ اسٽيڊيم جيڪو مين هٽن کان تقريبن 25 ميل اوڀر ۾ واقع آهي، جيڪو 3 جون کان 12 جون تائين ميچن جي ميزباني ڪندو. گورنر کيٿي هوچول جو چوڻ آهي ته اعليٰ اختيارين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪري رهيون آهن ۽ مڪمل اسڪريننگ جو عمل به تيز ڪيو ويو آهي، عوام جو تحفظ سندن پهرين ترجيح آهي، هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ محفوظ هجي. .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون