تازه ترين

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري

سنڌ هائيڪورٽ ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي بازيابيءَ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سندس مڙس بلال شاهه هڪ هفتو اڳ لنڊن کان ڪراچي پهتو هو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بلال شاهه پنهنجي امڙ سان ملاقات بعد گهر کان نڪتو ته کيس ڪورنگي روڊ تان اغوا ڪيو ويو، ڊفينس ٿاڻي ۾ درخواست اماڻي وئي پوليس اڃا تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

بلال شاهه جي امڙ چيو ته بلال شاهه کي 26 آگسٽ تي اڻڄاتل ماڻهو مين ڪورنگي روڊ تان اغوا ڪري ويا، سندس پٽ خلاف ڪوبه ڪيس ناهي. ناليواري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه جي بازيابيءَ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون