پارلياماني معاملن جي وزارت 15 هين قومي اسيملي ٽوڙڻ جي سمري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي
سمري ۾ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جي جاءِ خالي ڇڏي وئي آهي.
وزيراعظم سمري تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ لکي صدر کي موڪليندو.
وزيراعظم جي ايڊوائس تي صدر 48 ڪلاڪن ۾ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو پابند آهي، صدر جي صحيح نه ڪرڻ جي صورت ۾ قومي اسيمبلي 48 ڪلاڪن ۾ پاڻ مرادو ٽٽي ويندي. قومي اسيمبلي وقت کان اڳ ٽوڙڻ جي سمري آئين جي آرٽيڪل 58 جي شق هڪ تحت موڪلي وئي آهي.