پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي 26هين آئيني مسودو گڏيل طور منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي 26هين آئيني مسودو گڏيل طور منظور ڪري ورتو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو چوڻ آهي ته هو پنهنهجي سياست طاقت ذريعي آئيني ترميم منظور ڪرائي ڏيکاريندا. پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسودي تي  غور ڪيو ويو. پارلياماني ڪميٽي گڏيل طور 26هين آئيني ترميم جو مسودو منظور ڪري ورتو، جنهن جا 26 نقطا آهن. پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو آئيني ترميم طرف اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ سياسي طاقت ذريعي آئيني ترميم منظور ڪرائي ڏيکاريندا. هن چيو ته هو پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ جي ويجهوج آهن، آئيني ترميم جو مسودو فائنل ٿي چڪو آهي، جنهن کي ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ  عدالتي سڌارن بابت تجويزن تي تيار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو جلد مولانا فضل الرحمان سان ٻيهر ملاقات ڪندو، سندس جائز مطالبا وزيراعظم آڏو رکيا ويندا، هو اميد ٿو ڪري ته وزيراعظم جيڪي خاطريون ڪرايون آهن، انهن تي عمل ٿيندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو جلد ترميم منظور ڪرائڻ جي پوزيشن  ۾ اچي ويندا. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خروشيد شاهه چيو ته آئيني ترميم جو مسودو گڏيل طور منظور ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت کيس خبر ناهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي اليڪشن وڙهڻ جي تجويز تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيوته خاص ڪميٽيءَ مان منظور ٿيل مسودو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته خيبر پختونخوا جو نالو پختونخوا ڪرڻ سميت ٻيون ترميمون ايندڙ قسط ۾ اينديون. خورشيد شاهه چيو ته پرڏيهه رهندڙن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ٽن مهينن ۾ ٻئي ملڪ جي شهريت ڇڏڻي پوندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
39%
3.2m/s
8%
اڱارو
26 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون