پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان ڪارساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ لازوال ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن.
سندس چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر تي ڪارساز وٽ ڪارڪنن کي پنهنجي قائد محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ۽ وفاداري جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو.
اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته اڄ انهن شهيدن جو ڏينهن آهي، جن پنهنجو رت ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت جي لاٽ روشن ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان نالي هن باغ ۾ جمهوريت لاءِ پيپلز پارٽي ئي قربانيون ڏنيون آهن، شهيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين اسان جي تاريخ شهادتن سان ڀريل آهي.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته قومي کي هميشه آمريت جي اونداهي مان ڪڍي جمهوريت جي روشني ۾ آڻيندڙ پيپلزپارٽي آهي.