تازه ترين

پارٽي نشان بابت عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪندي رجسٽرار سپريم ڪورٽ برطانوي هاءِ ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، پارٽي نشان بابت عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪرڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر کي خط لکي چيو آهي ته فيصلي تي تنقيد اجائي ۽ نامناسب آهي. پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ کي اهو خط عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ تقرير کي سامهون رکي چيف جسٽس جي هدايت تي لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي نشان جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪرڻ مناسب نه آهي، سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ٻڌايو آهي جيڪو قانون چوي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون جمهوريت جي حوالي سان اليڪشن ايڪٽ 2017 پارليامينٽ منظور ڪيو آهي، سياسي پارٽين ۾ شخصي آمريت روڪڻ ۽ جمهوريت خاطر پارٽي چونڊ وڙهڻ لازمي آهي، قانون موجب جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي چونڊ نه ٿي ڪرائي ته اها نشان حاصل ڪرڻ جي اهل ناهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار برطانوي هاءِ ڪمشنر کي خط ۾ وڌيڪ اهو چيو آهي ته ڄاڻايل سياسي پارٽي انٽرا پارٽي چونڊ قانون جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو پر ان پارٽي پارٽي اندر چونڊ نه ڪرائي، انتهائي احترام سان چوڻو ٿو پوي ته عدالتي فيصلي تي توهان جي تنقيد غيرضروري ۽ نامناسب آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سياستدانن جي تاحيات نااهلي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، عدالتي معاملن ۾ شفافيت لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لائيو اسٽريمنگ شروع ڪئي وئي آهي، ماضي ۾ ٿيل پنهنجين غلطين کي تسليم ڪرڻ سان گڏ ازالو به ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28 ° C
28 °
28 °
37 %
2.7kmh
29 %
اربع
28 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون