- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته دشمن جي حڪومت هجي ته به هوءَ ائين نه چوندي ته ٻاهر نڪري باهه ڏئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته پاسبان پنهنجي ملڪن تي حملو نٿو ڪري سگهي، نوجوان ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه اچن.
بهاولپور يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسڪالرشپ محنتي شاگرد جو حق آهي، سموريون اسڪالرشپ ميرٽ تي ڏني وئي.
هن چيو ته نوجوانن جي ريڊ لائن پاڪستان هجڻ گهرجي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي کي منهن پيا ڏين، 2018ع ۾ ترقي ڪندڙ پاڪستان جو رستو روڪيو ويو.
مريم نواز چيو ته دشمن جي حڪومت هجي ته به هوءَ ائين نه چوندي ته ٻاهر نڪري باهه ڏئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته پاسبان پنهنجي ملڪن تي حملو نٿو ڪري سگهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته سڪيورٽي اهلڪار پنهنجا ماڻهو آهن، فوجي جون ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪري رهيا آهن، نوجوان ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه اچن ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪن.- Advertisement -
