تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

پاناما ليڪس بعد ڳجهي دولت بابت نئون مالي اسڪينڊل اچي ويو

دبئي ۾ پرڏيهين جي 400 ارب ڊالرن جي ملڪيتن جو انڪشاف  ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستانين جي به يارهن ارب ڊالر جون ملڪيتون شامل آهن، ليڪس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ، اڳوڻو صدر پرويز مشرف، حسين نواز، شرجيل ميمڻ، گهرو وزير محسن نقوي جي گهرواري ۽ ٻين  جا نالا به شامل آهن.

پراپرٽي ليڪس ۾ دنيا جي ڪيترين سياسي شخصيتن، حڪومتي اهلڪارن ۽ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جا نالا شامل آهن.

پاڪستانين جون دبئي ۾ يارهن ارب ڊالر جون ملڪيتون آهن، دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ پرڏيهين ۾ پاڪستانين جو ٻيو نمبر آهي.

پراپرٽي ليڪس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 17 هزار پاڪستانين دبئي ۾ 23 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن، پراپرٽي ليڪس ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي ٽنهي ٻارن  بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ جا نالا به شامل آهن.

اڳوڻي آمر  پرويز مشرف جو نالو به دبئي جي ملڪيت مالڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي، پراپرٽي ليڪس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو نالو به سامل آهن، هڪ درزن کان وڌيڪ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن، هڪ پوليس چيف، هڪ سفارتڪار ۽ هڪ سائنسدان جو نالو به پراپرٽي ليڪس ۾ شامل آهي.

پراپرٽي ليڪس موجب  حسين نواز جي به دبئي ۾ ملڪيت آهي، گهرو وزير محسن نقوي جي گهرواري جي دبئي ۾ ملڪيت جي مالڪ آهي، شرجيل ميمڻ ۽ سندس فيملي ميمبرن جا نالا به دبئي ۾ ملڪيت رکندڙ مالڪن ۾ شامل آهن.

سينيٽر فيصل ووڊا  به دبئي ۾ ملڪيتن جو مالڪ آهي، سنڌ  سان تعلق رکندڙ چئنر قومي  اسيمبلي ميمبرن جون به دبئي ۾ ملڪيتون آهن.

بلوچستان ۽ سنڌ جي ڇهن کان وڌيڪ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا نالا به پراپرٽي ليڪس ۾ شامل آهن.

ڀارتي شهري دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ پرڏيهين ۾ سڀ کان اڳتي  آهن.

پراپرٽي ليڪس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 29 هزار 700 ڀارتين جون دبئي ۾ 35 هزار ملڪيتون آهن، جن جي ماليت 17 ارب ڊالر آهي.

ان کانسواءِ 19 هزار 500 برطانوي شهرين جون دبئي ۾ 22 هزار ملڪيتون آهن، جن جي ماليت 10 ارب ڊالر آهي.

پراپرٽي ليڪس موجب 8 هزار 500 سعودي شهرين دبئي ۾ ساڍا اٺ ارب ڊالر جون 16 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن.

دبئي ۾ ملڪيتن جي ڊيٽا واشنگٽن ۾ قائم اين جي او  سينٽر فار ايڊونسڊ اسٽڊيز حاصل ڪئي آهي، ملڪيتن جي ڊيٽا ناروي جي فنانشل آئوٽ لٽ اي ٽوئنٽي فور سان شيئر ڪئي وئي.

ملڪيتن جي ڊيٽا آرگنائزڊ ڪرائيم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پراجڪيٽ نالي تنظيم سان شيئر ڪئي وئي آهي، ان تنظيم ڇهن مهينن جي جاچ ڪري ملڪيتن جي مالڪن جو پتو لڳاو آهي.

جاچ پراجيڪٽ تي 58 ملڪن جي 74 ميڊيا ادارن جي رپورٽرن ڪم ڪيون، جاچ پراجڪيٽ ذريعي دبئي ۾ تازو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملڪيت خريد ڪندڙ سزا ٻڌايل ڏوهارين، فرار ٿيلن ۽ سياسي شخصيتن جو پتو لڳايو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون