تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان، غزه ۾ مستقل جنگ بندي ۽ خوراڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو

- Advertisement -
پاڪستان، غزه ۾ مستقل جنگ بندي ۽ خوراڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار فلسطين جي ٻه رياستي حل بابت گڏيل قومن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو غزه انساني حقن جي قانونن جو قبرستان آهي، غزه ۾ جنگي ڏوهن تي سزا يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته انسانيت خلاف ڏوهن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، هو فرانس جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪن ٿا، انصاف ۾ دير سبب ظلم وڌيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطيني رياست کي گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت ڏني وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطينين جي خود اراديت جي حق جي حمايت جاري رکندو، فلسطين جو مسئلو گذريل 75 سالن کان حل طلب آهي، هن وقت تائين ان جو حل نه ٿيڻ عالمي برادري جي اجتماعي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون فلسطيني رياست کي مڪمل رڪنيت ڏين ته جيئن مسئلي طرف حقيقي اڳڀرائي ٿي سگهي، پاڪستان فلسطين جي جائز حقن ۽ آزادي لاءِ پنهنجي سفارتي حمايت جاري رکندو. سندس چوڻ هو ته غزه عالمي قانونن ۽ انساني اصولن جو قبرستان بڻجي چڪو آهي، اسرائيل جي هٿان موت ۽ تباهي سبب 58 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. هن چيو ته اسرائيل طرفان امداد ۾ رنڊڪون، شهري انفراسٽرڪچر کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ، پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ امدادي قافلن تي حملا قانون ۽ انسانيت جي هر ڳاڙهي لڪير کي پار ڪيو اها اجتماعي سزا فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. اسحاق ڊار عالمي برادري تي زور ڀريو ته فوري ۽ بامقصد قدم کنيا وڃن، ان حوالي سان نائب وزيراعظم 5 اهم تجويزون پڻ پيش ڪيون. نائب وزيراعظم ان ڳالهه کي اوليت ڏني ته والاريل علائقن ۾ غير مشروط جنگ بندي ڪئي وڃي، انهي سلسلي ۾ هن سعودي عرب، قطر، مصر ۽ امريڪا جي ڪوششن کي ساراهيو. اسرائيل هٿان فلسطينين جي نسل ڪشي جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم چيو ته جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جو عالمي سطح تي احتساب ٿيڻ گھرجي ۽ سزا کان ڇوٽ جو عمل ختم ڪيو وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون