پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سونيا حسين انڪشاف ڪيو آهي ته کيس بالي ووڊ جي رومانوي اداڪار عمران هاشمي سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.
تازو ئي هڪ انٽرويو دوران سونيا حسين بالي ووڊ فلمن جي آفرز سميت پنهنجي ڪيريئر بابت ڳالهايو آهي،
اداڪارا چيو ته مون کي ماضي ۾ به بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي آهي.
سونيا حسين جو چوڻ هو ته مون کي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي سان گڏ فلم جي آڇ ڪئي وئي، مون ان فلم جي ٽيم سان به ملاقات ڪئي پر ساڳئي وقت پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ شو بزنس بند ٿي ويو .
اداڪارا چيو ته جڏهن مون کي عمران هاشمي سان فلم جي آفر ڪئي وئي ته ان وقت مان ننڍي هئي، منهنجي خاندان جو مون تي دٻاءُ هو، منهنجي شوبز ڪيريئر سان گڏ منهنجي تعليم به هلي رهي هئي، ننڍي عمر جي ڪري عمران هاشمي سان فلم ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته عمران هاشمي کان سواءِ مون کي مشهور ڀارتي اداڪار سنتوش ڪمار جي پراڻي فلم جي ريميڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ پڻ ٿي هئي.
سونيا حسين وڌيڪ چيو ته مون کي مشهور انگريزي ناول نگار شيڪسپيئر جي ناول تي ٻڌل بالي ووڊ فلم ۾ به ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي.
سونيا حسين پنهنجي انٽرويو ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ته کيس عمران هاشمي سان ڪهڙي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي….