پاڪستاني اداڪارا صحرا اصغر سان زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
اداڪارا صحرا اضعر جوابدار عاصم تي الزام ھنيو تھ ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي.
پوليس ذريعن موجب واقعو پھرين آگسٽ تي پيش آيو جڏھن اداڪارا گھرو ڪم سبب مارڪيٽ آئي ھئي.
واقعي جي ايف آءِ آر اداڪارا جي مڙس عمر مرتضيٰ جي فرياد تي شاھھ فيصل ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي . اداڪارا جي مڙس عمر مرتضيٰ ۽ جوابدار عاصم وچ ۾ جھيڙو بھ ٿيو جنھن بعد اداڪارا ۽ سندس مڙس گڏجي جوابدارن کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو.