تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي خط

- Advertisement -
آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن طرفان صدر جوبائيڊن کي تحريڪ انصاف باني جي آزادي لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو. پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن  خط آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن کي پاڪستان جي اندروني صورتحال ۾ مداخلت تي لکيو. خط لکندڙن ۾ طارق فضل چوڌري، نويد قمر، مصطفيٰ ڪمال، آسيه ناز تنولي، خالد مگسي ۽ ٻيا شامل آهن. پارلياماني ميمبرن خط ۾ لکيو آهي ته هو پارليامينٽ جي ميمبر طور سمجهن ٿا ته وزيراعظم شهباز شريف ذريعي ڪانگرس ميمبرن کي آگاهه ڪن، پاڪستان جمهوري چئلينجن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿو، جنهن کي انتهاپسندي جي سياست وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف باني رياستي ادارن خلاف سياسي تشدد ۽ مجرماڻي ڌمڪين کي متعارف ڪرايو، پي ٽي آءِ باني 9 مئي 2023ع تي وڏي پيماني تي هنگاما ۽ ڀڃڊاهه ڪئي، هن هجوم کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽيليويزن جي عمارت ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملي لاءِ ڀڙڪايو. پارليامينٽ ميمبرن خط ۾ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف باني ڏڦيڙي سياست سان آگسٽ 2014ع ۽ مئي 2022ع ۾ به ملڪ کي مفلوج ڪيو هو، پي ٽي آءِ باني جيل مان، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڏڦيڙ ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو آهي. وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف باني ڊيجيٽل دهشتگردي سان سوشل ميڊيا کي ڏڦيڙ ۽ بدامني کي هوا ڏيڻ ۾ استعمال ڪيو، پي ٽي آءِ باني ڊيجيٽل دهشتگردي سان رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف باني جي ناڪاري مهم ۾ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ باغي عنصر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا جون رياستون پنهنجي شهرين خلاف غيرمعمولي قدمن تي مجبور آهن………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون