تازه ترين

پاڪستاني چونڊن ۾ بي ضابطگين جي الزامن تي آمريڪا جو موقف بلڪل واضع آهي : ڊونلڊ لو

امريڪا چيو آهي ته پاڪستاني چونڊن ۾ بي ضابطگين تي امريڪي پرڏيهي وزارت جو موقف بلڪل واضع آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گھرجي، پاڪستان ۾ هن وقت جيڪي حالتون آهن انهن تي ڳڻتي آهي.

امريڪي نائب پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو پاڪستاني چونڊن بابت بيان ڏنو آهي جنهن کي امريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته القاعده ۽ داعش سبب پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ مذهبي آزادي، انساني حقن جو احترام وڌائڻ لاءِ به ڪم جاري آهي.

ڊونلڊ لو جو چوڻ هو ته امريڪا پاڪستان ۾ اقتصادي استحڪام جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، آمريڪا پاڪستاني شيون درآمد ڪندڙ ملڪن ۾ فهرست ۾ شامل آهي.

هن اهو به چيو ته آمريڪا پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ اهم ترين سيڙپڪار آهي، هو منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي اپ گريڊيشن ۾ مدد ڪري رهيا آهن.

ڊونلڊ لو چيو ته هنن پاڪستان ۾ 2024ع جي چونڊن جو ويجهڙائي سان جائزو ورتو، چونڊن کان اڳ تشدد جي واقعن تي ڳڻتي آهي، چونڊن کان اڳ پوليس، سياستدانن ۽ سياسي اجتماعن تي دهشگرد حملا ٿيا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترين ئي صحافين خاص ڪري عورت صحافين کي سياسي جماعتن جي حامين پاران حراسان ڪيو ويو، عالمي اليڪشن مبصر تنظيم جو چوڻ آهي ته کين لڳ ڀڳ اڌ تڪن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جو مشاهدو ڪرڻ کان روڪيو ويو.

ڊونلڊ لو جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود چونڊن واري ڏينهن موبائل فون ڊيٽا سروس بند ڪئي وئي، پاڪستاني موبائل ڊيٽا سروس مان سوشل ميڊيا ۽ ميسيج ايپليڪيشن استعمال ڪندا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون