پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 914 پوائنٽن سان اضافي سان بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي هنڊريڊ انڊيڪس 914 پوائنٽن جي اضافي سان 95 هزار 106 پوائنٽن جي سطح تي پهچي وئي.
صبح ڪاروبار جي شروعات ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 400 پوائنٽ اضافو ٿيو آهي.
گذريل ڪجهه عرصي کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو هاڪاري لاڙو ڏسڻ م اچي رهيو آهي ۽ ان دوران هنڊريڊ انڊيڪس ڪيترائي ڀيرا نئين بلنديءَ تائين پهچي چڪي آهي.