- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 83 هزار پوائنٽن کان وڌيڪ جي بلند ترين سطح پار ڪري وئي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 4 هزار 810 پوائنٽن جو اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 83 هزار 847 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
سيڙپڪارن طرفان حڪومتي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي.
گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 79 هزار کان وڌيڪ پوائنٽن جي رڪارڊ سطح تي بند ٿي هئي.- Advertisement -
