تازه ترين

پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي شعبي ويجيلنس ڪراچي هوائي اڏي تي سڪيورٽي سخت ڪرڻ بابت اهم فيصلا

- Advertisement -
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي شعبي ويجيلنس ڪراچي هوائي اڏي تي سڪيورٽي سخت ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا آهن. نون فيصلن تحت مسافرن کي الوداع يا سندن آجيان لاءِ ايندڙن تي به نوان شرط لاڳو ٿي ويا. ذريعن موجب نون فيصلن تحت ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن کي وٺڻ يا الوداع ڪرڻ لاءِ ايندڙن لاءِ به ٽڪيٽ جي ڪاپي گڏ رکڻ لازمي قرار ڏني ويئي آهي. ويجيلنس شعبي طرفان ايئرپورٽ تي داخلا جي وقت سڪيورٽي ادارن جي چيڪ ڪرڻ تي ٽڪيٽ ڏيکارڻ لازمي قرار ڏني ويئي آهي. ذريعن موجب هڪ مسافر سان گڏ 4  شهري ايئرپورٽ وڃي گهندا، ٽڪيٽ جي ڪاپي نه هجڻ تي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ذريعن موجب نون شرطن تحت ايئرپورٽ ۾ داخلا لاءِ مسافرن کي وٺڻ ايندڙ شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ به لازمي رکڻو پوندو. واضح رهي ته اهي قدم ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو تازي دهشتگرد حملي کي نظر ۾ ڪيا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون