تازه ترين

پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي

- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ لاهور ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي. ضلعي انتظاميا پاران تحريڪ انصاف کي ڪاهنا مال پڙي ۾ جلسي جي مشروط اجازت ڏني وئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر جلسي جي اجازت جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اجازت ملڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ طرفان جلسي گاهه ۾ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، اسٽيج لڳائڻ ۽ جلسي جو ميدان سينگارڻ جو عمل جاري آهي. جلسي گاهه ۾ ڪرسيون، قنعات ۽ اسٽيج جو سامان لڳائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، مک اسٽيج جي لاءِ ڪنٽينر کي به جلسي گاهه ۾ پهچايو ويو آهي. ذريعن موجب جلسي گاهه جي ڀرپاسي  انٽرنيٽ سگنلز کي سست ڪيو ويو آهي، ماڻهو وڊيوز ۽ آڊيو ڊائون لوڊ ڪرڻ کان محروم آهن. مقامي ڪارڪنن به جلسي گاهه جو رخ ڪيو آهي، ڪارڪن پارٽي جا بينر، پوسٽر ۽ جهنڊا کڻي جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته جلسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن مان قافلا به روانا ٿي رهيا آهن. پي ٽي آءِ جي جلسي کي ڏسندي اسلام آباد-لاهور موٽر وي کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. لاهور موٽر وي ٽول پلازه تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، يوٽرن نه هجڻ سبب گاڏين کي راوي روڊ کان واپس ڪيو پيو وڃي. خيبرپختونخواهه کان ايندڙ قافلن لاءِ لاهور جا رستا مڪمل طور بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ذريعن موجب جهلم ۾ جي ٽي روڊ تي ٽول پلازه ڀرسان پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي امڪاني گرفتاري لاءِ پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس اٽڪ ڇڇ انٽرچينج ۽ اٽڪ پل وٽان رنڊڪون هٽائي ڇڏيون، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ رواني ٿي وئي. ان کان اڳ لاهور جلسي ۾ ايندڙ قافلن کي روڪڻ لاءِ روڊ جي ٻنهي طرفن تي رنڊڪون لڳايون ويون هيون………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
26 %
3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون