- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جون گرفتاريون جاري آهن، پارليامينٽ هائوس مان سمورن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
اسلام آباد پوليس ايم اين اي زين قريشي ۽ شيخ وقاص اڪرن کي پارليامينٽ هائوس جي اندران حراست ۾ ورتو.
پوليس طرفان ايم اين اي نسيم الرحمان، شاهه احد خٽڪ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا کي به گرفتار ڪري ورتو.
ان کان اڳ چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر، شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين کي به گرفتار ڪيو ويو هو.
اسلام آباد پوليس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو ويندو.
پوليس ريڊ زون جا داخلي ۽ خارجي رستن بند ڪري ڇڏيا آهن، ڊي چيو، نادرا چوڪ، سرينا ۽ ميرٽ هنڌان ريڊ زون کي مڪمل سيل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي علي محمد خان پارليامينٽ هائوس مان روانو ٿي ويو آهي، پوليس کيس گرفتار نه ڪيو…….- Advertisement -
