تازه ترين

پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڄ ”شڪر ۽ نجات جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڄ ”شڪر ۽ نجات جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي حڪومت جي خاتمي تي اڄ شڪر جو ڏهاڙو ملهائيندي.

پڌرائي موجب، پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي نااهل حڪومت جي تباهي، بدترين مهانگائي ۽ معيشت جي تباهي جو تفصيلي تجزيو عوام جي سامهون رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪور ڪميٽي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا خلاف اپيل تي عدالت جي ٻڌڻي تي به مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

واضح رهي ته صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي، جنهن سان گڏ وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت به ٽٽي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون