تازه ترين

پاڪستان جا نوجوان نسل ايَ آءِ سان ايندڙ تبديلين کي ذميواريءَ سان قبول ڪري رهيا آهن: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جا نوجوان نسل ايَ آءِ سان ايندڙ تبديلين کي ذميواريءَ سان قبول ڪري رهيا آهن، ملڪ جا نوجوان ڊجيٽل دور کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهن. بلاول ڀٽو زرداريءَ سان ميٽا پليٽ فارم ان ڪارپوريشن وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي پبلڪ پاليسي ڊائريڪٽر صارم عزيز وفد سان ملاقات ڪئي. زرداري هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ميٽا جي وفد ميٽا ايَ آءِ بابت پ پ چيئرمين کي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ويو ته ٻارن لاءِ انسٽاگرام اڪائونٽن ۾ نه رڳو پيغام موڪلڻ بابت پابنديون هونديون پر نامناسب لفظ پاڻمرادو فلٽر ٿي ويندا. پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته ٻارن لاءِ انسٽاگرام اڪائونٽن ۾ وقت جي پابندي هوندي، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ايپ بند ٿيڻ جو پيغام اچي ويندو. بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميٽا جي وفد وچ ۾ ايَ آءِ بابت قانونسازي بابت تجويزون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جا نوجوان ڊجيٽل دور کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور  تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان نسل ايَ آءِ سان ايندڙ تبديلين کي ذميواريءَ سان قبول ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻارن لاءِ انسٽاگرام اڪائونٽس فيچر اچڻ تربيت بابت  ٻارن لاءِ پريشان والدين لاءِ هڪ خوشيءَ جي خبر آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
26 %
4.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون