تازه ترين

پاڪستان جلد قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري معاشي طور پيرن تي بيهندو: وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جلد قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري معاشي طور پيرن تي بيهندو. هڪ بيان ۾وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڌارن جي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۽ ملڪ کي معاشي ترقي تي آڻڻ ۾ چيف آف ڊفينس فورس فيلڊ مارشل عاصم منير جو اهم ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان معاشي مضبوطي ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي جو خواب انشاءَ الله جلد پورو ٿيندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف طرفان ويجهڙ ۾ جاري ڪيل قرض ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ استحڪام ۽ ترقي طرف آڻڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو جنهن لاءِ سڀني گڏجي قرباني ڏني. سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين سياست جي قرباني ڏئي ۽ قوم معاشي ڏکيائين کي برداشت ڪري ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جو معاشي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن ڪامياب ڪيس اسٽڊي طور دنيا ۾ مثال بڻجي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته انشاءِ الله پاڪستان جي معاشي ترقي جو خواب جلد پورو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته انشاءِ الله اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان قرضن مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري معاشي طور پنهنجي پيرن تي بيهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
58 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون