تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي: نائب وزيراعظم

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات لاڀائتي رهي، کيس يقين ڏياريو ته ڳالهين کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن ناهي. واپار ۽ ٽيرف تي به بحث ڪيو، ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ٽيرف تي هڪ معاهدو ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته جامع ڳالهه ٻولهه هوندي، جڏهن به ڀارت جامع ڳالهه ٻولهه چاهيندو پاڪستان تيار آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ٽن درياهن تي پاڪستان جو حق آهي، جيڪڏهن پاڻي جو رخ موڙيو ويو ته هو قبول نه ڪندا، هو پاڻي جو هڪ ڦڙو به ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، پاڻي جي مسئلي تي ٽياڪڙ عدالت ۾ پاڪستان جي پوزيشن بهتر آهي. سندس چوڻ هو ته  فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج امن لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ڀارت جي تڪراري بيانن جي ڪري پاڪستان الرٽ آهي. پي ٽي آءِ جي باني بابت هڪ سوال تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته جڏهن توهان هٿيار کڻندا آهيو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس عدالتي معاملو آهي. ٻطرفي ملاقاتن جي حوالي سان، اسحاق ڊار چيو ته هن سعودي عرب، برطانيه، بنگلاديش، ڪويت ۽ فلسطين جي اڳواڻن سان ٻطرفي ملاقاتون ڪيون آهن، اهڙي طرح، گڏيل قومن جي اجلاس جي سائيڊ لائينز تي 8 ٻطرفي ملاقاتون ٿيون. هڪ سوال تي، نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا چين سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ آمريڪا سان به پراڻا لاڳاپا آهن، معدنيات جو مسئلو باضابطا طريقيڪار ذريعي حل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون