تازه ترين

پاڪستان جو پهريون سيٽلائٽ خلائي مشن آئي ڪيوب ڪيو  ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مدار ۾ پهچي ويو

پاڪستان جو پهريون سيٽلائٽ خلائي مشن آئي ڪيوب ڪيو  ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مدار ۾ پهچي ويو آهي.

چانگ ايِ سڪس مشن پاڪستاني سيٽلائٽ آئي ڪيوب ڪيو کي ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مدار ۾ پهچايو.

آءِ ڪيوب ڪيو جي ڊپلائمينٽ بعد ايس او پيز موجب سموري ذيلي سسٽم جو جائزو ورتو ويندو.

ماهرن موجب سيٽلائٽ اميجنگ سسٽم جي آپريشنل ٿيڻ کان اڳ سمورن ذيلي نظامن جي تصديق ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو، جنهن بعد آءِ ڪيوب ڪيو ذريعي چنڊ جي پهرين تصوير پندرهن يا سورهن مئي تائين ملڻ جي امڪان آهي.

چانگ ايِ سڪس مشن چار جون تي واپسيءَ جو سفر شروع ڪندو، ان سلسلي ۾ 6 جون تي چانگ ايِ مشن ڊاڪنگ ڪندو ۽ پروگرام موجب 53 ڏينهن وارن مشن مڪمل ڪري بعد مشن 25 جون تي زمين تي واپس لينڊ ڪندو.

مدار ۾ پهچڻ بعد سيٽلائٽ جي آربٽ ٽسٽنگ جو عمل شروع ٿيندو، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي سيٽلائٽ کي ايندڙپنجن کان ڇهن ڏينهن تائين ٽيسٽ ڪندو.

پاڪستان خلائي سائنسدان ڊاڪٽر خرم خورشيد ۽ ڊاڪٽر قمر الاسلام چين ۾ موجود آهن.

ڊاڪٽر خرم موجب آءِ ڪيوب جي آربٽ ٽيسٽنگ ۾ بيٽري ٽيسٽنگ ڪئي ويندي، آءِ ايس ٽي سيٽلائٽ جي آن بورڊ ڪمپيوٽر کي چيڪ  ڪيو ويندو، جڏهن ته ايندڙ پنجن ڏينهن تائين سيٽلائٽ جي ڪميونيڪيشن نطام کي به ٽيسٽ ڪيو ويندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون