پاڪستان جي آل رائونڊر عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان جي آل رائونڊر عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هو پي سي بي جو ٿورائتو آهي جنهن کيس هميشه گهربل سهڪار فراهم ڪيو ۽ هو ٽيم جي ڪارڪردگي ڏسڻ جو منتظر آهي. فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ هو ته هُو پاڪستاني مداحن جو به ٿورائتو آهي جن هميشه سندس ڪيريئر ۾ ساٿ ڏنو. ٻنهي رانديگرن آخري ڀيرو پاڪستان لاءِ هن سال آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏيو هو. جون 2009 ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪرڻ کانپوءِ 32 سالن جي محمد عامر پاڪستان لاءِ 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون. عامر ٽنهي فارميٽ ۾ 271 انٽرنيشنل وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ هزار 179 رنسون ٺاهيون. فاسٽ بالر محمد عامر 2009 جي آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسڪواڊ جو حصو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
42%
3.6m/s
1%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون