پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ آمريڪا جي مداخلت جون ڳالهيون غلط آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا کي هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي واڌايون ڏنيون آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ ڀائيوار آهن.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو، ايراني پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت سان ملاقاتون ڪيون.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ايران تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪن ٿا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي،غزا ۾ نسل ڪشي فوري طور بند ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
هن چيو ته غزا ۾ اسرائيل طرفان نسل ڪشي جي جنگي ڏوهه تحت جاچ ٿيڻ گهرجي، پاڪستان غزا ۽ لبنان جي جنگ متاثرن لاءِ انساني امداد رواني ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي بک هڙتال تي ڳڻتي آهي، ياسين ملڪ کي فوري طور صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف 11 نومبر تي ٻيهر سعودي عرب جو دورو ڪندو، رياض سمٽ ۾ فلسطين مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويندو.