پاڪستان جي خوشحالي پورهيتن جي ڀلائي ترقي ۽ وقار سان واڳيل آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي خوشحالي پورهيتن جي ڀلائي ترقي ۽ وقار سان واڳيل آهي، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پهرين ليبر پاليسي ذريعي پورهيتن جي حقن کي تحفظ ڏنو. پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام ليبر پاليسيءَ ذريعي پورهيتن جي نمائندگي ۽ کين بااختيار بڻائڻ جو بنياد رکيو. هن چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿي ته هن اهي سمورا حق بحال ڪيا جيڪي هڪ آمر پورهيتن کان کسيا هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري گذريل دور ۾ بي آءِ ايس پي ۽ بينظير ايمپلائز اسٽاڪ آپشن اسڪيم جهڙا ساراهه جوڳا قدم کنيا. پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون عوامي حڪومتون بينظير پورهيت ڪارڊ ۽ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي پورهيتن کي معاشي رليف پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ هن وقت پورهيت طبقي کي وڏا چئلينج آڏو آهن،  پر  پ پ کانسواءِ ٻي ڪا به پارٽي پورهيتن جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تار ناهن. پ پ چيئرمين چيو ته هو عزم ٿا ڪن ته پيپلزپارٽي استحصال جي خاتمي لاءِ پورهيتن لاءِ اميد ۽ اتحاد جو ڪردار ادا ڪندي رهندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
37%
1.7m/s
16%
جمعو
17 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون