تازه ترين

پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو شروع

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنھنجي ويب سائيٽ تي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آھي، سموريون ٽڪيٽون آئن لائن خريد ڪري سگھبيون.

پي سي بي رڳو پاڪستان ۾ ٿيندڙ ميچن جي ٽڪيٽن جي وڪرو جو اعلان ڪيو آھي

پھرين مرحلي ۾ ملتان ۽ لاھور جي وي آءِ پي ۽ پريميئم انڪلوزرز جون ٽڪيٽون وڪرو ڪيون وينديون، جڏھن تھ فرسٽ ڪلاس ۽ جنرل انڪلوزرز جون ٽڪيٽون يوم آزادي جي موقعي تي وڪري لاءِ پيش ڪيون وينديون.

پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي لاءِ وي آءِ پي ٽڪيٽ جي قيمت 5 ھزار رپيا مقرر ڪئي وئي آھي جڏھن تھ پريميئم انڪلوزرز جي ٽڪيٽ جي قيمت 2500 رپيا آھي.

پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ايشيا ڪپ جي پھرين ميچ 30 آگسٽ تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.

قذافي اسٽيڊيم ۾ پھرين ٻن ميچن ۾ وقار يونس ۽ وسيم اڪرم انڪلوزرز جي ٽڪيٽ جي قيمت 4 ھزار رپيا ھوندي، جڏھن تھ وسيم اڪرم گيلري جي ٽڪيٽ جي قيمت 7 ھزار رپيا ڪئي وئي آھي.

قذافي اسٽيڊيم ۾ عمران خان ۽ فضل محمود انڪلوزرز جي ٽڪيٽ جي قيمت 2ھزار رپيا مقرر ڪئي وئي آھي.

قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميچن جي لاءِ پريميئم ڪيٽيگري  ۾ شامل رميز راجا ۽ سعيد انور انڪوزرز جي ٽڪيٽن جي قيمت 1500 رپيا آھي ……

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
18 %
1.4kmh
2 %
سُومر
34 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون